اسلام آباد-30 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽرمينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انع??م حيدر ملڪ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم وچ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين آمريڪي قيادت ۾ ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد کي ساراهيو ۽ خوفناڪ ٻوڏ بابت رد عمل جي نقطه نظر کي فعاليت ۾ تبديل ڪرڻ جي اين ڊي ايم اي جي ويزن بابت آگاهه ڪيو. هن مس??قب?? جي ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فريم ورڪ جي ضرورت کي اجاگر ڪيو جيڪو ملڪ جي ڊزاسٽر رسڪ اٽلس جهڙا ق??م کڻڻ کانسواءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز، انساني همدردي جي ادارن ۽ عالمي عطيو ڏيندڙن سان جامع هنگامي رد عمل جو انٽرفيس ٿي سگهي ٿو. هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ڊزاسٽرمينيجمينٽ بابت پڻ آگاهه ڪيو. اين ڊي ايم اي چيئرمين گڏيل مس??قب?? کي محفوظ بڻائڻ لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن موجب ”ڪلائيميٽ ملينيم هدف“ لاءِ عالمي عزم جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. آمريڪي سفير ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نق??ان?? کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ حصيدارن جي تعاون سان جاري آمريڪي ڪوششن تي روشني وڌي ۽ آبهوا سبب متاثر ڊزاسٽرمينيجمينٽ جي شعبي ۾ مضبوط تعاون تي زور ڏنو.