جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪس??ان ۾ ٻوڏ سان تباهين جو ڪاٿو تمام وڏو آهي، ٻوڏ جي 5 مهينن کانپوءِ به ڪيترائي علائقا پاڻي ۾ ٻڏل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن جنيوا ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس آن ريزيلئينٽ پاڪس??ان جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ??رڏ??هي وزير چيو ته پاڪس??ان جو گهڻو علائقو اڃا تائين ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آهي. ٻوڏ سان 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو متاثر ٿيا، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ قدم اڃا جاري آهن. هن چيو ته پاڪس??ان م هر 7 مان هڪ شخص ٻوڏ کان متاثر ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري عالمي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار چوندي چيو ته مشڪل وقت ۾ پاڪس??ان جي مدد ڪندڙ ملڪن جا ٿڳورا مڃان ٿو. ??رڏ??هي وزير چيو ته اڄ عالمي دنيا پاڪس??ان سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ گڏ ٿي آهي، آئنده قدرتي آفتن کان بچڻ جي لاءِ پاڪس??ان هڪ فريم ورڪ ٺاهيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومون جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس جنيوا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي ميزباني ڪري رهيا آهن. ان کان اڳ ??رڏ??هي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي خطاب ۾ پاڪس??ان ۾ ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي کانپوءِ ملڪ جي نئين سر تعمير جي حوالي سان ڪانفرنس ۾ شريڪ ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس کانسواءِ پاڪس??ان ۾ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر جولين هارنيس پڻ عاليم ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪيو.