اسلام آباد– 26 – جنوري (اي پي پي) پاڪس??ان سوئيڊن ۽ هالينڊ ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي تازين ڪاررواين جي سخت مذمت ڪندي چي?? آهي ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ??يا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي انهن واقعن کي نسل پرستي، زينو فوبڪ ۽ اسلامو فوبيا جي طور تي ڏسي ٿو. ترجمان چيو ته انهن قابل مذمت ۽ افسوسناڪ واقعن سان سڄي دنيا جي ڏيڍ ارب مسلمانن جا مذهبي جذبا مجروح ??يا آهن. هن چيو ته انهن واقعن جو واحد مقصد مسلمان اقليتن جي خلاف تشدد کي هوا ڏيڻ آهي. پاڪس??ان سوئيڊن ۽ هالينڊ کي پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪي?? آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي حڪومتن تي زور ڏن?? آهي ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين خلاف ٺوس قدم کڻن.