اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي فوزيه وقار جي ڪم ڪار واري جڳهه تي هراسم??نٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب طور مقرري ج?? منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اها منظوري وفاقي محتسبين اداراجاتي سڌارا ايڪٽ 2013ع ج?? سيڪشن 3 ۽ 21 تحت ڏني آهي. فوزيه وقار جي مقرري ڪم ڪاري واري جڳهه تي هراسم??نٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي عهدي تي ڪشمالا طارق جو مدو مڪمل ٿيڻ تي عمل ۾ آندي وئي آهي.