اسلام آباد – 10اپريل (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته اسان سڀني کي آئين پاڪستان جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستا??ين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال معاشري جي تعمير لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت ??هي. آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي (50 هين سالگرهه) جي موقعي تي ديس واسين کي مبارڪون ڏيان ٿي، پنهنجي عظيم قائد ۽ آئين جي خالق شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿي جنهن ان تاريخي دستاويز کي تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سينيٽر شيري رحمان چيو ته هي اسان جي ملڪ جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي، ان ڏکئي ۽ ڊگهي سفر ۾ اسان گهڻو ڪجهه حاصل ڪيو ۽ وڃايو ??هي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ڪارڪنن ۽ سمورن جمه??ري?? پسند ماڻهن کي سلام پيش ڪريان ٿي جن آئين ۽ جمه??ري?? جي ان سفر ۾ پنهنجي جا??ين جو نذرانو پيش ڪيو، آئون آصف علي زرداداري ۽ اتحادي حڪومت جي ٿورائتي آهيان جن 2010ع ۾ 18 هين ترميم پاس ڪري 73 ع جي آئين کي بحال ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان جي قوم لاءِ آئين هڪ جمه??ري?? منصفاڻو ۽ برابر معاشري جي رهنما اصولن جو ڪم ڪري ٿو، آئين وفاق جي سمورين ڌرين ۽ شهرين وچ ۾ هڪ سماجي معاهدو ??هي. هن چيو ته هي شهيد ڀٽو جو آئين ئي آهي جيڪو اسان کي پاڻ ۾ مضبوطي سان جوڙي رکي ٿو ۽ وکرڻ نٿو ڏي. اچو پنهنجي آئين ۾ داخل قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ عزم ??ريون ۽ آئين جي پاسداري ڪندي سمورن پاڪستا??ين لاءِ هڪ پرامن، خوشحال ۽ برابري معاشري جي تعمير لاءِ گڏجي ڪم ڪريون.