پيرس – 22 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شه??از شريف فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي جي موضوع تي منعقد سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. و??ير??عظم محمد شه??از شريف نئين عالمي مالياتي معاهدي تي سربراهي اجلاس گهرائڻ تي صدر ايمانوئل ميڪرون کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرانسيسي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. و??ير??عظم فرانسيسي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسرندڙ ملڪن سانمالياتي انصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن فرانسيسي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي عدم دستيابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين جي بار ۽ م??جم??د ترقي جا مسئلا درپيش آهن. و??ير??عظم چيو ته نئين عالمي مالياتي معاهدي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن جي مدد وقت جي ض??ورت آهي ته جيئن اتان جي عوام کي ريليف ملي سگهي، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن جو شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهم مسئلي تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان اهم ڪوشش ڪئي. صدر ايمانوئل ميڪرون سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي و??ير??عظم محمد شه??از شريف جا ٿورا مڃيا.