اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) ا??لا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پاڪستاني نوجوان فهد شهباز کي عالمي ڊيانا ايوارڊ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته 18 سال جي عمر ۾ يوٿ جنرل اسيمبلي جو بنياد رکندڙ باصلاحيت نوجوان فهد شهباز کي اهو ايوارڊ ملڻ پاڪستاني نوجوانن جي مثبت سوچ ۽ جدوجهد سان معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جو روشن مثال آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فهد شهباز جي تصوير شيئر ڪندي ا??لا??ات واري وفاقي وزير چيو ته اها پاڪستان جي اصل سڃاڻپ ?? معمار جيڪي عمارتون نه مثبت سوچ جا ڏيئا ٻارين ٿا. هن چيو ته ثمينه بيگ، نائله ڪياني، باڪسر تيمور خان ۽ فهد شهباز جهڙا شاهين صفت پرعزم نوجوان ئي پاڪستان جي شان ۽ قابل تقليد مثال آهن، اسان کي تو??ان تي فخر آهي.