راولپنڊي-17 جول??ءِ (اي پي پي) پاڪ فوج جي سر??راهه جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته معروضي تربيت اسان جي پيشوراڻي مهارت جو حصو آهي، اسان کي قومي سلامتي کي درپيش ڪنهن به خطري کي مُنهن ڏين ل??ءِ هميشه تيار ??هڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جي صدارت هيٺ 258هين ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي دفاع ?? بهادر سپاهي جي مسلسل قربانين کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن کي اندروني سلامتي جي موجوده صورتحال بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو ويو. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فوج جي آپريشنل تيارين ۽ تربيتي پهلوئن تي به غور ڪيو ويو. ڪانفرنس ۾ ٻُڌايو ويو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جا پاڙيسري ملڪ ۾ ٺڪاڻا آهن. ٽي ٽي پي ۽ ٻيا دهشتگرد گروپ پاڪستان ۾ مسئلا پيدا ڪري رهيا آهن. ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ فورم کي معاشي بحالي جي منصوبي، سيڙپڪاري، سهولت ڪائونسل جي دائره ڪار ??ابت آگاهه ڪيو ويو. زراعت، آءِ ٽي، معدنيات، دفاعي پيداواري شعبن ۾ ترقي ل??ءِ فوج جي ڪاوشن تي بريفنگ ڏني وئي. ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت جي معيشت جي بحاليءَ ل??ءِ حڪمت عمليءَ کي هر ممڪن معاونت فراهم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.