اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ جامع ملڪ گير پروگرام شروع ڪي?? ويو آهي جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪي??ن وينديون، ان جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪي?? ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي لاءِ انتهائي اطمينان جو ڏينهن هو. پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ اينڊ ريسرچ سينٽر (پي ڪي ايل آئي) جنهن جو تصور 2015ع ۾ پاڪستان جي جان هاپڪنز (آمريڪي اداري) طور ڪي?? ويو هو هڪ سنگ ميل عبور ڪي??. مون پي ڪي ايل آئي يونيورسٽي جي پيڙهه جو پٿر رکيو ته جيئن پي ڪي ايل آئي جي مدد سان علم جي تخليق، تحقيق جي مرڪز طور تي ڪم ڪري سگهجي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي لاءِ هڪ جامع ملڪ گير پروگرام پڻ گذريل ڏينهن ٻيهر شروع ڪي?? ويو جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ فلٽر ڪلينڪ قائم ڪي??ن وينديون جنهن جي لاءِ وفاقي حڪومت 35 ارب رپيا رکيا آهن جڏهن ته 15 ارب رپين جو انڊومنٽ فنڊ اڳ ۾ ئي قائم ڪي?? ويو آهي، اها رقم غريبن جي مفت علاج جي لاءِ فراهم ڪئي ويندي. هن ڊ??ڪٽ?? سعيد اختر، ڊ??ڪٽ?? فيصل ڊار ۽ پي ڪي ايل آئي جي ڊ??ڪٽ??ن، ماهرن ۽ عملي سا?? گڏوگڏ حڪومتي عهديدارن کي انهن جي عظيم قومي خدمت?? تي ساراهيو. هن چيو ته اسا?? گڏجي پي ڪي ايل آئي کي قوم جو فخر بڻائينداسين.