اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته جيستائين پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو نٿو ٿئي، تيستائين ملڪي معيشت جي بهتري ممڪن نه آهي، اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي، ڪاروباري ??را??ري جي مسئلن جو حل حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ڪاروباري ??را??ري موجوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان اسلام آباد ايوان واپار ۽ صنعت جي وفد صدر احسن ظفر بختاوري جي قيادت ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪامرس سيڪريٽري، صنعت واري سيڪريٽري، ايف بي آر چيئرمين، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڳال??ائ??ندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪاروباري طبقي جي تجويزن جي آجيان ڪريون ٿا، انهن مان قابل عمل تجويزن تي عملدرآمد جي خاطري ڪرايان ٿو، وزارت عظميٰ جي ذميواري سنڀاليندي ئي ڪاروباري ??را??ري سان ملاقاتون ڪيون ۽ انهن جا مسئلا ٻڌا، ڪاروباري ??را??ري موجوده ملڪي معاشي حالتن جي باوجود ملڪي معيشت جي ترقي ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ روزگار جا موقعا فراهم ڪري رهي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت ٽيڪس جي نظام ۾ سڌارا يقيني بڻائي رهي آهي، جنهن جي لاءِ ٽيڪس جو نظام ڊيجيٽلائيزڊ ڪيو پيو وڃي، جيستائين پاڪستان ۾ ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافو نه ٿو ٿئي تيستائين ملڪي معيشت جي بهتري ممڪن نه آهي. اسمگلنگ کي روڪڻ جي لاءِ سڄي ملڪ خاص طور تي سرحدي علائقن ۾ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي. اسمگلنگ کي روڪڻ جي حوالي سان گذريل 48 ڪلاڪن دوران ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو آهي، جنهن جا مثبت نتيجا اچي رهيا آهن. هن چيو ته پاڙيسري ملڪن سان واپار جي فروغ لاءِ مشاورت جاري آهي. اسمگلنگ کي روڪڻ جو پاڙيسري ملڪن جي عملدارن آجيان ڪئي، واپارين، صنعتڪارن ۽ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ڪري ملڪي معيشت کي وڌيڪ مستحڪم ڪن??اس??ن. بجلي جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل تيزي سان جاري آهي. بجلي چوري جي خلاف موثر ڪارروائي ڪئي ويندي، ملڪي مسئلن جي حل لاءِ سڀني ڌرين سان مشاورت جاري آهي. ڪامرس واري وزارت سڄي ملڪ جي چيمبرز کان باقاعدگي سان تجويزن ۽ مشاورت کي يقيني بڻائي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته ايف بي آر پوائنٽ آف سيل جي دائري کي وسيع ڪرڻ جي حوالي سان جلد رپورٽ پيش ڪئي وڃي. پاڪستاني سفارتخانن ۾ مقرر ڪمرشل اتاشين جي ڪارڪردگي کي بهتر ڪيو وڃي، سي ڊي اي جي نظام ۾ بهتري آندي وڃي ۽ ڪاروباري ??را??ري کي مشاورتي عمل جو حصو بڻايو وڃي. سي ڊي اي شهرين کي ڏني ويندڙ سمورين سهولتن ۽ لينڊ رڪارڊ کي ڊيجيٽلائيزڊ ڪري. ملاقات ۾ واپاري ??را??ري نگران وزيراعظم کي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وفد نگران وزيراعظم کي واپاري ??را??ري جي مسئلن جي حوالي بابت آگاهه ڪيو ۽ انهن جي حل لاءِ پنهنجون تجويزون پيش ڪيون. نگران وزيراعظم وفد جي تجويزن جي آجيان ڪئي ۽ انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي.