اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ??ي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري رکندي، حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ، سيڙ??ڪا??ي کي فروغ ڏيڻ، سيڙ??ڪا??ي جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ سميت اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ناڻي، توانائي ۽ ڪامرس وارن نگران وفاقي وزيرن سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چئي. اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير چيو ته خصوصي سيڙ??ڪا??ي سهولت ڪائونسل جي ايپڪس ڪميٽي جي ٻن ڏينهن واري اجلاس جو اڄ پهريون ڏينهن هو، ان اجلاس جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو. هن چيو ته خصوصي سيڙ??ڪا??ي سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي ٽن وڏن مقصدن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي، مائننگ ۽ زراعت تي ڌيان ڏيڻو آهي. هن چيو ته اڄ ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ حڪومتي خرچن ۽ گردشي قرضن کي گهٽ ڪرڻ، نجڪاري جي عمل کي ب??تر بڻائڻ ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سميت ٻين مسئلن تي غور ٿيو. هن چيو ته حڪومتي خرچ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن جڏهن ته پرڏيهي سيڙ??ڪا??ي جي حوالي سان رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو ۽ ويزا پاليسي ۾ به بهتري آندي ويندي. هن چيو ته اسمگلنگ جي روڪٿام تي پڻ ڪم ڪيو پيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته نگران حڪومت سمورن عالمي معاهدن جو احترام ڪري ??ي ۽ انهن تي عملدرآمد جاري رکندي. هڪ سوال تي هن چيو ته گذريل حڪومت جيڪي فيصلا ڪري ??ئي آهي، اسان جي قانوني راءِ اها ئي آهي ته اسان انهن تي عملدرآمد ڪنداسين. ايس آئي ايف سي جي ايپڪس ڪميٽي جي فيصلن جي حوالي سان سوال تي اطلاعات واري ??گران وفاقي وزير چيو ته اجلاس جاري آهي، اڄ پهريون ڏينهن هو، ان جو ٻيو سيشن سڀاڻي ٿيندو، ان ۾ ٿيندڙ فيصلن جا سمورا تفصيل ميڊيا آڏو اچي ويندا.