اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن کي وطن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صد?? جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? 6 سيپٽمبر تي اوستئي پوسٽ ڪالاش ايريا ۽ جنگريٽ ڪوهه چترال ۾ حملي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان ٽيليفون تي تعزيت جو اظهار ڪندي ملڪ جي لاءِ قرباني تي شهيدن ۽ ان??ن جي خاندانن جا قوم پاران ٿورا مڃيا. صد?? ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ ذوالفقار علي ۽ سپاهي شهزاده اورنگزيب جي وارثن سان ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ شير نواز ۽ لانس نائيڪ شاڪرالله ??ي پونئيرن سان پڻ رابطو ڪيو. صد?? شهيدن جي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ۽ ان??ن جي لاءِ صبر جميل جي دع?? ڪئي. صد?? شهيدن جي درجن جي بلندي جي دع?? ڪئي ۽ ملڪ جي لاءِ ان??ن جي خدمتن کي ساراهيو.