لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسپتالن ۾ نئين بيڊز جي فراهمي لاءِ مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ لاهور ۾ ميو اسپتال ويو ۽ ميو اسپتال جي ايمرجنسي بلاڪ جي نئين سر تعمير جو جائزو ورتو. نگران وزيراعظم جاري تعمير??تي ڪمن ۽ ايمرجنسي بلاڪ ۾ ٺاهيل نرسنگ ڪائونٽر ۽ ڪنسلٽنٽ ??وم جو معائنو ڪيو. نگران وزيراعظم ا??وارالحق ڪاڪڙ پنجاب جي وڏي وزير محسن نقوي جي قيادت ۾ اسپتالن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي پروگرام کي ساراهيو. هن تعميرات ۽ مواصلات و??ري ک??تي جي لاڳاپيل آفيسرن کي انهن جي ڪارڪردگي تي ساراهيو. نگران وزيراعظم چيو ته اسپتالن ۾ نئين بيڊز جي فراهمي جي لاءِ مقامي صنعت جي حوصلا افزائي ڪ??ڻ جي ضرورت آهي. نگران وزيراعظم ميو اسپتال جي سرجيڪل ٽاور ۾ سينٽرل جيل ڪوٽ لکپت مان اکين جي علاج جي لاءِ آيل قيدين جي عيادت پڻ ڪئي. نگران وزيراعظم ميو اسپتال جي ريڊنگ روم جو پڻ دورو ڪيو ۽ ريڊنگ روم ۾ مطالعي جي لاءِ فراهم ڪيل سهولتن کي ساراهيو.