اسلام آباد-02 نومبر (اي پي پي) سياحت واري نگران مملڪتي وزير سيد وصي احمد فاطمي کي مملڪتي وزير جي عهدي سان نوجوانن بابت وزيراعظم جي خاص مددگار جون ذميداريون پڻ سونپيون ويون آهن. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ه??اي?? تي سياحت واري مملڪتي وزير وصي شاهه کي نوجوانن بابت خاص مددگار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ وصي شاهه پاڪستان ٽ??ئر ازم ڊولپمينٽ ڪارپوريشن جي ب??رڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرمين جي معاملن جي نگراني ڪري رهيو هو. نگران وزيراعظم جي ه??اي?? تي سياحت واري وزير طور ان جي ڪارڪردگي جو اعتراف ڪندي وصي شاهه کي نوجوانن بابت خاص مددگار جون ذميداريون سونپيون ويون آهن.