اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ايپڪس ڪميٽي متفقه طور تي دو??ت ملڪن سان رابطي جي لاءِ م??تلف قدمن جي منظوري ڏيندي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب دو??ت ملڪن سان اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ايپڪس ڪميٽي (ايس آءِ ايف سي) جو خصوصي اجلاس ٿيو. نگران وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ چيف آف آ??مي اسٽاف، وزيرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. ڪميٽي تعاون جي موجوده سطح جو جائزو وٺندي متفقه طور تي دو??ت ملڪن سان رابطي جي لاءِ م??تلف قدمن جي منظوري ڏيندي انهن قدمن تحت تصور ڪيل مختلف منصوبن تي تيزي سان عملدرآمد جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم تعاون جي ممڪن شعبن جي نشاندهي ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل وزارتن جي ڪوششن کي ساراهيندي سمورن حصيدارن کي ڊگهي مدي واري اقتصادي منافعو حاصل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. آ??مي چيف پاڪستان حڪومت جي معا??ي قدمن جي حمايت جي لاءِ پاڪ فوج جي اڻٿڪ ??زم جو يقين ڏياريو.