اسلام ??با?? – 07 – نومبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ انساني حقن واري وزير خليل جارج غز?? جي عوام جي لاءِ پاڪستان مان امدادي سامان جي ٻي کيپ کڻي ويندڙ خصوصي جهاز کي اسلام ??با?? انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان روانو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب امدادي سامان جي روانگي جي موقعي تي ٿيندڙ تقريب ۾ اسلام ??با?? ۾ فلسطيني سفير احمد جواد ربيع، پ??ڏيهي وزارت ۽ اين ڊي ايم اي جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان موقعي تي خطاب ڪندي فلسطيني ڀائرن ۽ ڀينرن سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيل پاران غز?? ۾ گهيريل عورتن، ٻارن سميت شهرين جي خلاف طاقت جي وحشياڻي غيرمتناسب ۽ انڌاڌنڌ استعمال جي مذمت ڪئي. نگران پرڏيهي وزير اسرائيلي جارحيت جي فوري خاتمي ۽ غز?? جو گهيراءُ ختم ڪرڻ جي فوري ضرورت تي زور ڏنو. هن انصاف ۽ انسانيت جي اصولن کي برقرار رکڻ ۽ غز?? جي ماڻهن کي انساني امداد جي فراهمي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي زور ڏنو. کيپ ۾ صحت جي حفاظت واريون ڪٽس، دوائون ۽ فوڊ پيڪيٽس شامل آه??. غز?? جي عوام لاءِ پاڪستان مان امدادي سامان جي پهرين کيپ 19 آڪٽوبر 2023ع ??ي موڪلي وئي هئي.