اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽي??ب ويلن جي شمسي توانائي تي م??تقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ زميندار ايڪشن ڪميٽي جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آف??س جي م??ڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪاظم اچڪزئي جي سربراهي ۾ بلوچستان جي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي 15 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد نگران وزيراع??م کي بلوچستان ۾ زرعي شعبي جي مسئلن جي حوالي کان آگاهه ڪيو. وفد نگران وزيراع??م کي بلوچستان ۾ ٽي??ب ويلن جي بجلي جي بلن جي مسئلن جي حوالي سان کان آگاهه ڪيو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي بلوچستان ۾ ٽي??ب ويلن جي شمسي توانائي تي م??تقلي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم توانائي واري سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان کي زميندار ايڪشن ڪميٽي جي وفد سان گڏجي انهن جي مسئلن جو منصفاڻو حل ڪڍڻ جي پڻ هدايت ڪئي. ملاقات ۾ سينيٽر مولانا عبدالغفور حيدري ۽ خالد لانگو پڻ موجود هئا.