اسلام آباد – 16 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف شعبن ۾ ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ جدت ۽ علم کي جاري رکڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي پوري انسانيت جي فائدي ل??ءِ جديد ترين اڳڀرائين، تجربن ۽ ڪاميابين جي حصيداري جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته علم جي دستيابي کي رڳو”ڪاپي رائيٽس“ تائين محدود نه رکڻ گهرجي ڇو ته وڌ کان وڌ پهچ سان انسانيت کي موجوده معاشي، سماجي ۽ عالمي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن ايوان صدر ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي فار سسٽين ايبل ڊيولپمينٽ بابت ڪميشن (ڪامسيٽس) جي 29 هين سالگرهه جي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، تعليمي ماهرن ۽ ميڊيا جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر ترجيحن جي نئين سر تعين جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته قومن جي وچ ۾ علم جي بنا رڪاوٽ ۽ وسيع تر ڏي وٺ ٿيڻ گهرجي، ان حوالي سان ناانصافين جو ??زالو ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ تبديل ”اخلاقيات يا انسانيت تي ٻڌل نظام“ جي موجودگي ۾ ٿي سگهي ٿي. هن ان ڳالهه تي افسوس جو ??ظهار ڪيو ته دنيا جي ضرورتن جي ابتڙ مروجه رجحان انتهائي اميرن جي طرف آهي، امير، امير تر ٿيندا پيا وڃن جڏهن ته دنيا جو ??ريب طبقو بدحالي ۽ محرومين ۾ ڦاٿل آهي. هن زور ڏئي چيو ته دنيا ۾ دولت جي منصفاڻي ورڇ سان انسانيت جي ڏکن جو ??زالو ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته دنيا استحصالي رويو بدلائڻ ۽ استحصال کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ تيار نه آهي. هن آڪسفيم جي هڪ تازي رپورٽ جو ??والو ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ??ه دنيا ۾ ارب پتين پنهنجي آمدني ٻيڻي ڪري ڇڏي آهي ??ڏهن ته ٻئي طرف اٽڪل 5 بلين عام ماڻهن جي آمدني ۾ گهٽتائي ڏٺي وئي آهي. صدر چيو ته جينوم جي ترتيب سائنسي دنيا ۾ هڪ اهم اڳڀرائي آهي ??نهن جو ??غاز 14 کان 15 ملين ڊالر جي عزم سان ڪيو ويو، دنيا تيزي سان ترقي طرف گامزن آهي ڇو ته ٽيڪنالاجي وڌيڪ جامد نه رهندي. هن چيو ته مستقبل ۾ ڪوانٽم ڪمپيوٽنگ اربين انسانن جي ڊيٽا کي انهن جي صحت جي حوالي سان سنڀالي سگهي ٿي جنهن زراعت جي شعبي ۾ زبردست امڪانن کي پڻ جنم ڏنو. صدر نيدرلينڊ جي زرعي ترقي جو ??والو ڏنو، جيڪو هڪ ننڍو ملڪ هجڻ جي باوجود دنيا ۾ زرعي مصنوعات جو ٻيو وڏو برآمد ڪندڙ بڻجي ويو آهي. هن چيو ته پاڪستان جديد سائنسي رخن تي ڪم ڪري دنيا ۾ غذائيت فراهم ڪندڙ پهرين صف جو ملڪ بڻجي سگهي ٿو. مهانگي بجلي جي پيداوار جو ??والو ڏيندي هن چيو ته شمسي ٽيڪنالاجي ۾ ترقي ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿي. صدر ان ڳالهه تي به اطمينان جو ??ظهار ڪيو ته پاڪستان سميت دنيا ڪاربن جي اخراج بابت شعور اجاگر ڪيو آهي ??نهن جي ل??ءِ اڃا به قومن جي وچ ۾ وسيع تعاون جي ضرورت آهي. صدر ميمبر ملڪن ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون جي ل??ءِ ڪامسيٽس جي ڪردار کي ساراهيو. صدر ان موقعي تي ڪامسيٽس جي ميمبر ملڪن جي سفيرن سان تقريب جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. ڪامسيٽس جي ??يگ??يڪيوٽو ڊائريڪٽر ۽ اڳوڻي سفير نفيس ذڪريا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جي تيزي سان ترقي ڪندڙ دنيا ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ترقي جي بنياد ۽ عالمي چئلينجز جي حل ل??ءِ اهم حيثيت رکندڙ آهي. هن انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ان جي استعمال، مصنوعي ذهانت، جينومڪ سيڪوينسنگ، قابل تجديد توانائي، اليڪٽرڪ گاڏين، زراعت، صنعتي بائيو ٽيڪنالاجي ۽ موسمياتي تبديلي بابت ڪامسيٽس جي نئين قدمن کي پڻ اجاگر ڪيو. انٽرنيشنل سينٽر فار ڪلائميٽ اينڊ انوائرنمينٽ سائنسز چين جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر لين زائو هوئي ان موقعي تي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبي ۾ تعاون جي فروغ ل??ءِ ڪامسيٽس جي عزم ۽ ڪردار کي ساراهيو. هن موسمياتي تبديلي جي مسئلي کي دنيا جي ل??ءِ ايندڙ خطرن مان هڪ طور اجاگر ڪيو ۽ ان حوالي سان پائيدار حل ۽ ماحولياتي ذميواري کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ ڪامسيٽس جي ڪوششن کي ساراهيو. واضح رهي ??ه ڪامسيٽس 27 ميمبر ملڪن جي هڪ بين الحڪومتي تنظيم آهي، ان جو ??يڪريٽريٽ پاڪستان حڪومت جي اهتمام هيٺ 1994ع کان اسلام آباد ۾ قائم آهي، ڪامسيٽس جي تخليق جي پٺيان نوبل انعام يافته ۽ عالمي شهرت يافته سائنسدان پروفيسر عبدالسلام جي سوچ هئي.