اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ايران جي پرڏيهي وزير حسين ام??ر عبداللهيان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ ??ڏي?? اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنياد تي ساڻس گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ??ڏي?? اعتماد ۽ تعاون جي جذبي جي بنياد تي ايران سان گڏ ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. نگران پرڏيهي وزير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي احترام جي ان تعاون کي سگهه ڏيڻ گهرجي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته دهشتگردي جي خاتمي ۽ ??ڏي?? دلچسپي جي ٻين رخن تي ورڪنگ ليول جي تعاون ۽ ويجهي لاڳاپن کي ??ضبوط ڪرڻ گهرجي. هنن ڇڪتاڻ گهٽ ڪ??ڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي سفيرن جي پنهنجي پنهنجي گادي وارن شهرن ۾ واپسي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.