برسلز – 02 – فيبروري (اي پي پي) ن??را?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن ۽ سيڪيورٽي پاليسي بابت اعليٰ نمائندي جوزپ بوريل ايف جي دعوت تي بيلجيئم ۾ ٽئين انڊو پيسفڪ وزارتي فورم ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ن??را?? پرڏيهي وزير گڏيل خوشحالي، اقتصادي استحڪام ۽ سيڙپڪاري جي موضوع تي گول ميز ڪانفرنس ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ن??را?? پرڏيهي وزير ان موقعي تي خطاب ڪندي عالمي ح??يداري جي مستقبل جي رستي جو خاڪو پيش ڪيو. هن ورڇ ڪندڙ ب??اڪ پاليٽڪس ۽ وڏي طاقت جي مقابلي جي تصورن کان پري وڃڻ جي گڏيل ذميواري تي زور ڏنو. ن??را?? پرڏيهي وزير چيو ته عالمي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ويجهي تعاون ۽ گهڻ رخي شعبي عالمي ح??يداري جي ضرورت آهي. هن عالمي ڊيجيٽل تعاون جي مرڪزن جي ترقي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي طريقيڪار ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ سائوٿ – سائوٿ ٽه رخي تعاون جي نقطه نظر جي تجويز پيش ڪئي.