اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چنڊ تي پاڪستان جو پهريون سيٽلا??يٽ موڪلڻ تي قوم ۽ سائنسدان?? کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيت?? کي مڃرائي رهيا آهن، ان اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي ۽ سيٽلا??يٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ”آئي ڪيوب قمر“ سيٽلا??يٽ خلا ۾ پاڪستان جو پهريون قدم آهي، ائٽمي ميدان وانگر هن ميدان ۾ به اسان جا سائنسدان، انجنيئرز ۽ هنرمند پنهنجي صلاحيت?? کي مڃرائي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسپيس ٽيڪنالاجي جي ڪور ڪميٽي، ان جي ميمبر ڊاڪٽر خرم خورشيد، اسپارڪو سميت سموري ٽيم خاص طور تي پراجيڪٽ ۾ حصو وٺندڙ شاگرد?? کي دل جي گهراين سان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته هماليه کان بلند، سمنڊ کان گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي ??اڪ چين دوستي خوشبوئن جي سرحد کان اڳتي نڪري اڄ خلائن جي سرحد به پار ڪري چڪي آهي، 8 ملڪن مان رڳو پاڪستان جي منصوبي کي قبول ڪرڻ اسان جي سائنسدانن ۽ ماهرن جي قابليت جو اعتراف آهي، هي فني ترقي جي سفر جو تمام وڏو تاريخي لمحو آهي، ان اهم ڪاميابي سان پاڪستان خلا جي بامقصد استعمال جي نئين دور ۾ داخل ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها ڪاميابي سيٽلا??يٽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ پاڪستان جي صلاحيت?? کي وڌائيندي، سائنسي تحقيق، اقتصادي ترقي ۽ قومي سلامتي جي لاءِ نوان موقعا پڻ پيدا ڪندي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي فرزندن ثابت ڪيو ته اهي خلائ?? کي به فتح ڪر?? جي صلاحيت، جذبو ۽ مهارت رکن ٿا، الله تعاليٰ چاهيو ته 28 مئي 1998ع وانگر خلائن ۽ معاشي عروج ڪمال تي پڻ پهچنداسين. هن چيو ته مواصلاتي ڍانچي ۾ خودمختياري جي ان خواب جي مڪمل تعبير سان پاڪستان به ان شعبي ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪندڙ ملڪن ۾ شمار ٿيندو، پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جديد علم ۽ هنرمندي ۾ ترقي وقت ۽ ملڪ جي ضرورت آهي، پوري ڪوشش ۽ ڌيان آهي ته پنهنجي نوجوان نسل کي جديد علم ۽ فنون، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وٺي ??ڃون ته جيئن پاڪستان ايجادن جي دنيا ۾ به سڀ کان اڳتي هجي.