اسلام آباد -06 آگسٽ (اي پي پي) قانون?? انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي، ته ايندڙ مهيني (سيپٽمبر) جي آخر تائين ??اس??ورٽ جي پرنٽنگ جي صلاحيت وڌائي روزانو 55 کان 60 هزار ٿي ويندي، جنهن کان پوءِ ??اس??ورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير جو مسئلو حل ٿي ويندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران جي ??اس??ورٽ جاري ڪرڻ ۾ دير بابت ڌيان ڇڪ??يو نوٽيس جو جواب ڏيندي سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته 2004ع ۾ ان وقت جي ضرورتن مطابق مشينري ۽ سافٽ ويئر لڳايا ويا هئا، پر هاڻي ??اس??ورٽ جي گهرج وڌي روزانو 45 هزار ٿي چڪي آهي?? ان کان علاوه مشينن جو تعداد به 20 کان وڌي 92 ٿي ويو آهي ۽ ??اس??ورٽ جون آفيسون به وڌي ويون آهن?? انهن ضرورتن کي نظر ۾ رکندي نئين مشينري ۽ جديد پرنٽرز امپورٽ ڪرڻ لاءِ ٽينڊرز جاري ڪيا ويا آهن، ايندڙ مهيني سيپٽمبر جي آخر تائين هي سسٽم ڪم شروع ڪري ڇڏيندو. جنهن کان پوءِ روزانو 26 هزار بدران 55 کان 60 هزار ??اس??ورٽ تيار ٿيڻ شروع ٿي ويندا. ڌيان ڇڪ??يو نوٽيس تي آغا سيد رفيع الله ۽ سحر ڪامران طرفان اٿاريل سوالن جا جواب ڏيندي پارلياماني معاملن واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته حڪومت ان معاملي تي فوري ايڪشن ورتو آهي، جيڪڏهن ڪا ڪارروائي نه ڪئي وڃي ها ته پوءِ ڌيان ڇڪ??يو نوٽيس کي ڪميٽي ??والي ڪرڻ تي ڪو اعتراض نه هجي ها. هن چيو ته سيپٽمبر جي آخر تائين اهي اوزار لڳائڻ شروع ٿي ويندا جنهن کان پوءِ ??اس??ورٽ جي پرنٽنگ جو تعداد به وڌي ويندو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مس ۽ ليمينيٽڊ پيپر جا مسئلا هئا، جن کي حل ڪيو پيو وڃي ۽ ايندڙ ٻن مهينن ۾ صورتحال بهتر ٿي ويندي.