اسلام آباد-19 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن ۽ نجي ادارن جي تعاون سان سڄي ملڪ ۾ 250 کان وڌيڪ اي روزگار ??رڪز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. آءِ ٽي واري وزارت جي هڪ عملدار ??وجب انهن مرڪزن جو مقصد ننڍن شهرن ۾ محنتي ۽ هنرمند نوجوانن کي ضروري سهو??تو?? فراهم ڪرڻ آهي ته جيئن کين ڊجيٽل موقعن تائين رسائي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي. اي روزگار ??رڪز ملڪ جي هر ضلعي ۾ قائم ڪيا ويندا. انهن مرڪرزن جي ورهاست هر صوبي جي آبادي سان گڏوگڏ اگنائيٽ سان رجسٽرڊ 12 لک فري لانسرز جي انگن اکرن تي ٻڌل آهي. پنجاب 149 مرڪزن سان اڳيان اڳيان آهي. ان کانپوءِ سنڌ 51، خيبرپختونخوا 28، وفاقي گادي واري هنڌ اسلام آباد ۾ 11، بلوچستان ۾ 6، آزاد ڪشمير ۾ 3، گلگت بلتستان ۾ 2 مرڪز قائم ڪيا ويندا. وزيراعظم محمد شهباز شريف طرفان پنجاب ۾ شروع ڪيل اي روزگار سينٽر انتهائي ??ام??اب ثابت ٿيا جنهن مان لکين نوجوان لاڀ پرائي ره??ا آهن، اهي مرڪز خاص طور تي انهن ماڻهن لاءِ ڊزائين ڪيا و??ا آهن جيڪي مهانگين آفيسن جو خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن، جيڪي کين آءِ ٽي مهارتن مان فائدو کڻڻ ۽ ڊجيٽل افرادي قوت ۾ شامل ٿيڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا. اميد آهي ته انهن قدمن سان وڌيڪ نوجوانن کي تيزي سان ترقي ملندي ۽ آءِ ٽي جي شعبي مان فائدو کڻڻ جي قابل بڻجي سگهندا.