اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پ?? پي) قومي ورثي، ثقافت ۽ سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عوام پي ٽي آءِ جو جلسو رد ڪري ڇڏيو آهي، جن لکين ماڻهن کي اڄ انقلاب آڻڻو هو خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا؟ اسلام آباد سميت پنجاب ۾ ٽريفڪ معمول مطابق رهي، پي ٽي آءِ جلسي جي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ ڪوڙين وڊيوز جو سهارو ورتو آهي، ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون. ڪالهه پي ٽي آءِ جي جلسي جي حوالي سان خاص ڳالهه ٻولهه ڪندي وفاقي وزير چ??و ته هن پاڻ اسلام آباد جي مختلف علائقن جو دؤرو ڪيو، اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب هئي. هن چ??و ته جيڪي لکين ماڻهو انقلاب آڻڻ لاءِ آيا هئا خبر ناهي اهي ڪيڏانهن هليا ويا. هن چ??و ته پنجاب ۽ اسلام آباد ۾ ٽريفڪ معمول موجب آهي. روزمره زندگي نارمل آهي، اهي لکين ماڻهو جن کي سمنڊ جي شڪل ۾ نڪرڻو هو اهي ڪٿي به نظر نه آيا. هن چ??و ته جلسو ڪرڻ جمهوري حق آهي، انتظاميه پي ٽي آءِ کي ج??ڪو وقت ڏنو آهي ان مطابق جلسو هئڻ گهرجي. هن چ??و ته جلسي جي ناڪامي لِڪائڻ لاءِ پي ٽي آءِ ڪوڙ جو سهارو وٺي رهي آهي، سوشل ميڊيا تي ڪوڙيون فوٽيچز جاري ڪري پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. هن چ??و ته پي ٽي آءِ جي قيادت، ڪارڪن ۽ پي ٽي آءِ سان ذهني هم آهنگي رکندڙ اهڙيون ڪوڙيون وڊيوز ڦهلائي رهيا آهن. هن چ??و ته احتساب جاري رهندو، جيڪڏهن هو اهو تاثر قائم ڪرڻ چاهين ٿا ته جلسو ڪري اين آر او ورتو ويندو ته اهو هرگز نه ٿيندو، اوهان کي توشه خانه جو به جواب ڏيڻو پوندو، اوهان کي 190 ملين پائونڊ جي ميگا ڪرپشن جو به جواب ڏيڻو پوندو. وفاقي وزير چ??و ته اها پي ٽي آءِ جي سياسي طور تي وڏي ناڪامي آهي، اهو تاثر ڏنو پئي و??و ته لکين ماڻهو آڻي رهيا آهن ـ ٻاهر نڪرڻ جو وقت آ??و ته مڪمل طور ناڪام ٿي ويا، پي ٽي آءِ جي پ??جاب ۽ ڪي پ?? ڪي جي قيادت ٻئي ناڪام ٿي چڪيون آهن. هن چ??و ته ان ناڪام جلسي تي ايترو ئي چئي سگهان ٿو ته تبديلي جو جذبو، تبديلي جو جنون، انالله وانا اليه راجعون.