اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيليٽي اسٽورز کلي ويا آھن ۽ عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي قيمتن تي فراھم ڪري رھيا آھن. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپورشن جي ترجمان جمعي ڏينھن پنھنجي بيان ۾ چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم ??ان يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا سمورا آپريشنز بحال ٿي ويا آھن ۽ سڄي ملڪ ۾ سمورا يوٽيلٽي اسٽورز کلي چڪا آھن ۽ عوام کي معياري کاڌي پيتي جون شيون رعايتي اگهن ۾ فراھم ڪري رھيا آھن، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي انتظاميا ۽ ڪارڪن نئي جذبي ??ان عوام جي خدمت ۾ مصروف آھن. ھن چيو ته عوام جي سھولت ۾ اضافي لاءِ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنجي صارفين کي ڪيترين ئي شين تي خصوصي رعايت پڻ فراھم ڪئي آھي. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن پنھنجا سمورا وينڊرز، سپلائيرز، مينيوفيڪچررز ۽ ٻين ??وز مره جي استعمال جون شيون سپلائي ڪرڻ وارين ڪمپنين جو شڪريو ادا ڪيو جن يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن کي عزت ڏني ۽ مشڪل وقت ۾ ا??ان ??ان گڏ بيٺل ھئا. يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن انھن سمورن اسٽيڪ ھولڊرز، وينڊرز ۽ سپلائرز جو دل ??ان شڪريو ادا ڪري ٿي.