اسلام آباد-18 سيپٽمبر (اي پي پي) دف??ع ۽ دف??عي پيداوار واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان جمهوريه تاجڪستان جي سفير شريف زاده يوسف توير ۽ اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم ڌار ڌار ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻطرفي دف??عي، اقتصادي ۽ ايوي ايشن معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي ??ئي. دف??ع واري وزير سمورن حل طلب علائقائي ??سئلن جي پرامن حل لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ به ڪيو ۽ خطي ۾ امن ۽ اقتصادي رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ تاجڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. تاجڪ سفير ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ موجود ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ان کانسواءِ ??ن گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ پاڪستان سان تعاون لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جي خاطري ڪرائي. اسلامي جمهوريه ايران جي سفير ڊاڪٽر رضا اميري مغادم اربع ڏينهن اسلام آباد ۾ دف??ع واري وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي، دف??ع واري وزير ان حقيقت تي ??ور ڀريو ته پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ صديون پراڻا مذهبي ۽ ثقافتي وابستگين سان ڳنڍيل خوشگوار ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. گڏيل سرحدي ڪميشن جي اهميت کي اجاگر ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان بارڊر مينيجمينٽ جي حوالي سان سمورا ضروري قدم کنيا آهن ۽ ان معاملي تي گڏيل ڪوششون جاري رهڻ گهرجن. ٻنهي ڌرين ٻطرفي تعاون جي موجوده سطح تي ??طمينان جو اظهار ڪيو ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ان کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.