اسلام آباد – 03 آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبا بندي ۽ ترقي بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته ڊيٽا معلومات تي ٻڌل فيصلي سازي جو بنياد آهي، اهو تمام ضروري آهي ته اس??ن ان مان مڪمل فائدو کڻي پنهنجي ملڪ جي پوري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻيون، ستين آدمشماري جي بنياد تي صوبائي سطح تي رپورٽون جاري ڪيون وينديون. انهن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پي بي ??يس ڊيٽافيسٽ 2024ع جي تيارين لاءِ جائزه اجلاس کي خطاب ۾ ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس منظور، ڊاڪٽر نعيم ظفر ۽ ميمبر محمد سرور گوندل سميت اهم آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد ڊيٽافيسٽ 2024ع ذريعي ڊيٽا جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ان کي ترقي لاءِ استعمال ۾ آڻڻ هو. ڊيٽافيسٽ 2024ع جو مقصد ڊيٽا خواندگي کي هٿي ڏيڻ ۽ ڊيٽا جي اسٽريٽجڪ استعمال ذريعي جدت، انضمام ۽ ترقي کي وڌائڻ آهي. وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال ان ڳالهه تي ز??ر ڀريو ته ڊيٽا ذريعي فيصلي سازي کي مضبوط بڻائڻ پاڪستان جي هر شعبي ??ي ترقي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته ڊيٽا معلومات تي ٻڌل فيصلي سازي جو بنياد آهي ۽ اهو تمام ضروري آهي ته اس??ن ان مان مڪمل طور تي فائدو کڻي پنهنجي ملڪ جي پوري صلاحيت کي استعمال ۾ آڻيون. وفاقي وزير چيو ته ستين آدمشماري 2023ع جيڪا پهرين آدمشماري هئي، جي بنياد تي صوبائي سطح تي رپورٽون جاري ڪيون وينديون ته جيئن مقامي سطح تي مباحثي کي هٿي ملي ۽ پاليسي سازي جي عمل ۾ بهتري آڻي سگهجي. اهي رپورٽون صوبي ??ي سماجي ۽ اقتصادي حالت کي بهتر طور تي سمجهڻ ۽ موثر پاليسي منصوبابندي لاءِ اهم هونديون. هن ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ??ن ايونٽ ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪيو وڃي. هن چيو ته ڊيٽا مصنوعي ذهانت جو بنياد آهي ۽ ان فيسٽول ذريعي اسان ڊيٽا ۽ ٽيڪنالاجي وچ ۾ خال کي ڀرڻ لاءِ ماهرن ۽ تعليمي شعبي ??ان سهڪار ڪنداسين ته جيئن قومي ترقي لاءِ جديد حل ڳولي سگهجي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڊيٽافيسٽ 2024 ۾ يونيورسٽي جي شاگردن کي شامل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ انهن لاءِ ڊيٽا جي مقابلن جو اهتمام ڪيو وڃي ته جيئن اهي پي بي ??يس جي ڊيٽا کي تخليقي طريقن س??ن استعمال ڪن. هن چيو ته اهي قدم نوجوانن کي مثبت سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ ۽ انهن جي صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.