نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪ صدر گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطين جو مسئلو موثر انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن سڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي دلين کي موهي ورتو، اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان حڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ گڏيل قومن ۾ ترڪ صدر انتهائي پرجوش خطاب ڪيو. ترڪ صدر سان ملاقات ۾ تفصيلي ڳالهه ٻو??هه ٿي. ترڪ صدر فلسطين جو مسئلو جهڙي طرح بيان ڪيو، ان سان سڄي هال ۾ موجود ماڻهن جي دلين کي موهي ورتو آهي. و??ير??عظم ترڪ صدر کي سندس خطاب تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪ صدر سان ڀائراڻن لاڳاپن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻو??هه ٿي آهي. ترڪ صدر جلد ئي پاڪستان جو دورو ڪندو. و??ير??عظم وڌيڪ چيو ته سڀاڻي آءِ ايم ايف بورڊ جو اجلاس آهي. آءِ ايم ايف جون شرطون سخت هيون پر اسان اهي سڀئي شرطون پوريون ڪري ڇڏيون آهن. هن چين، س??ود?? عرب، گڏيل عرب امارات جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃيندي چيو ته انهن جي تعاون کانسواءِ اهو ممڪن نه هو. آءِ ايم ايف معاهدو حتمي مرحلي ۾ آهي. و??ير??عظم ٻڌايو ته آءِ ايم ايف جي ڪجهه شرطن جو تعلق چين سان هو، چيني حڪومت ماضي وانگر ٻيهر پاڪستان جو هٿ مضبوط ڪيو. چيني قيادت جو ٿورائتو آهيان. و??ير??عظم چيو ته اسان معاشي چئلينجن کي قبول ڪيو، الله تعاليٰ جي بي پناهه فضل ۽ ڪرم سان حڪومت ۽ سڀني ادارن جي گڏيل ڪوششن سان معاشي چئلينجن تي ضابطو آندو آهي، معاشي انگن اکرن ۾ مسلسل بهتري اچي رهي آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ اسان جو رخ صحيح رکي ۽ اسان کي پاڪستان جي ع??ام جي هر ممڪن خدمت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.