نيويارڪ – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالي??ا جارجيوا چيو آهي ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڪارائتي ڳالهه ٻ??له?? ٿي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ناڻي واري وفاقي وز??ر محمد اورنگزيب سان ملاقات کانپوءِ پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم سان سندس ڳالهه ٻ??له?? مثبت، فائديمند ۽ تعميري رهي. هن چيو ته ملاقات ۾ پاڪستان جي معيشت جي بحالي، مهانگائي ۾ گهٽتائي، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت ۽ روزگار جي نئين موقعن جي فراهمي جي لاءِ آءِ ايم ايف جي تعاون سان سڌارن جي نئين پروگرامن تي تفصيلي ڳالهه ٻ??له?? ٿي آهي. ٻنهي اڳواڻن معاشي استحڪام ۽ ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ حڪومت ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.