اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته 27 آڪٽوبر تي ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوجين جي اچڻ جا 77 سال پُورا ٿيڻ جي موقعي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميري عوام سان پنهنجي پختي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. پريس بريفن?? ۾ ??ن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير گڏيل ??ومن ۽ اسلامي تعاون تنظيم جي قيادت ??ي خط لکيا آهن جن ۾ غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري صورتحال کي اجاگر ڪيو ويو آهي. ترجمان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ??راردادن تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي ۽ ڪشميري سياسي قيدين ۽ ڪارڪنن جي آزادي سميت انساني حقن جي خدشن ??ي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ عالمي ڪارروائي تي زور ڏنو آهي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي ل??ءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.