اسلام آباد-21 آڪٽوبر (اي پي پي) اسلام آباد جي نيب ھيڊڪوارٽر ۾ 24 ھين سالياني ڊي جيز ڪانفرنس شروع ٿي وئي آھي. ٻن ڏينھن واري ڪ??نفرنس جي صدارت نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ڪري رھيو آھي. ڪانفرنس ۾ نيب جو ڊپٽي چيئرمين س??يل ناصر، پراسيڪيوٽر جنر?? اڪائونٽبلٽي، نيب ريجنل جي آفيس جا ڊائريڪٽر جنرلز ۽ ٻيا اختيار شرڪت ??ري رهيا آھن. گذريل ڏينھن نيب مان جاري بيان مطابق ڪانفرنس ۾ نيب جي علائقائي بيوروز جا ڊائريڪٽر جنرلز ۽ مختلف ڊويزنن سميت پراسيڪي??شن?? آپريشنز ۽ اي اينڊ پي جا سربراھه پنھنجي ڪ??رڪردگي تي بريفنگ ڏيندا. ڪانفرنس ۾ نيب جي ڪ??رڪردگي، عوامي شڪايتن تي ڪ??رروائي، نئين پاليسي گائيڊ لائنز تي عمل درآمد، ڪيسن جي پيروي ۽ تجويز ڪيل سڌارن جو جائزو ورتو ويندو.