اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اپيا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن ج?? اجلاس (سي ايڇ او جي ايم) جي موقعي تي جمهوريه گانا جي پرڏيهي معاملن ۽ علائقائي يڪجهتي واري وزير شرلي ايو?? ڪربوٽچوي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ گهانا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ج?? بلندي جي رفتار کي نظر ۾ رکندي نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير ايو?? ڪربوٽوچي گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ عالمي سطح تي تعاون تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي ات??اق ڪيو. نائب وزيراعظم گهانا کي اسلام آباد ۾ هڪ ريزيڊنٽ مشن کولڻ جي اڇ ??ئي ته جيئن ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ملي. هن نائب وزيراعظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ پاڪستان کي گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.