اسلام آباد -30 آڪٽوبر (اي پي پي) خيبر پختونخوا ج?? گورنر فيصل ڪريم ڪ??ڊي پاڪستان ۾ مقرر سعودي سفير نواف سعيد المالڪي سان ملاقات ڪئي. ڪي پي ڪي جي ??سيمبلي ۾ ڊيره اسماعيل خان مان چونڊيل ايم پي اي ۽ پيپلز پارٽي پارلياماني ليڊر احمد ڪريم ڪ??ڊي به ساڻس گڏ هو. گورنر چشمه ليفٽ ڪينال ۾ اسل??مڪ ڊولپمينٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سعودي حڪومت، سعودي سفير ۽ اسل??مڪ ڊولپمينٽ بئنڪ جو ٿورو ادا ڪيان ٿو. گورنر چيو ته هي منصوبو صرف ڊيره اسماعيل خان ۽ ڪي پي ڪي لاءِ ئي نه پر پاڪستان جي ??رقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي جنهن سان هن خطي ۾ زرعي انقلاب ايندو ۽ معاشي ترقي جا نوان رستا کلندا.