اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيو ڀيرو آمريڪا جو صدر چونڊجڻ ت?? مبارڪباد ڏني آهي. سماجي را??طي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي چونڊن ۾ ٻيو ڀيرو تاريخي ڪاميابي ت?? مبارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ نئين آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي.