اسلام آباد-12 نومبر (اي پي پي) توانائي (پاور ڊويزن) واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان سان ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين جي سربراهيءَ ۾ ايشيائي ترقياتي بئ??ڪ (اي ڊي بي) جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار تي ڳالهيون ٿيون. ڪالهه ٿيل ملاقات ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ اي ڊي بي جي ڪردار جي تعريف ڪئي. هن چيو ته اسان پي پي ايم سي ۾ هڪ ٽيم تيار ڪري رهيا آهيون جيڪا پاور ڊويزن ک?? پاليسي رهنمائي فراهم ڪندي، اي ڊي بي جي سهڪار سان صح??ح ڪم ڪرڻ لاءِ صح??ح ماڻهن جي مقرري ممڪن ٿي سگهندي. اويس لغاري چيو ته ڊسڪوز جي نجڪاري کان اڳ ان ک?? بهتر پوزيشن ۾ آڻڻ لاءِ اسان جي ترقياتي ڀائيوارن طرفان ان ۾ سيڙپڪاريءَ جي ضرورت آهي. اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايمافين چيو ته بئ??ڪ جي سيڙپڪاريءَ جو وڏو حصو توانائي جي شعبي جي مختلف منصوبن خاص طور تي ٽران??مي??ن انفراسٽرڪچر تي ٻڌل آهي. ايمافين چيو ته توانائي جو شعبو پاڪستان جي معاشي ترقي ۽ ماڻهن جي زندگين ۾ مُک ڪردار ادا ڪري ٿو، اي ڊي بي ??اڪستان ۾ نجي شعبي جي ترقي، مو??مي??تي تبديلي ۽ گورننس کي بهتر بنائڻ لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهيو آهي. ڪنٽري ڊائريڪٽر چيو ته اي ڊي بي ??اڪستان جي توانائي جي شعبي جي پائيداري، جديديت ۽ ڪارڪردگي وڌائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. پاور ڊويزن طرفان جاري پڌرائيءَ موجب پاڪستان ۽ اي ڊي بي ??اضيءَ وانگر مستقبل ۾ به گڏيل صلاح مشوري سان توانائيءَ جي شعبي جي ترقي ۽ ٻين اهم منصوبن تي سهڪار جاري رکندا.