راولپنڊي- 22 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي علائقن ۾ آپريشن دوران 3 انتهائي گهربل دهشتگردن سميت 6 دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ خو??رج جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خو??رجي جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو ب??ايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 خو??رج مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا. مارجي ويل خو??رجين وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل خو??رجي دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۽ بي گناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪنهن به باقي رهجي ويل خو??رج کي ختم ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب 20 کان 22 نومبر 2024ع دوران بلوچستان ۾ ٽن مختلف ڪارروائين ۾ 4 دهشتگردن کي ماريو ويو. آواران ۾ آپريشن ۾ انٽيلي جنس معلومات جي بنياد تي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ٻئي دهشتگرد هاءِ ويليو ٽارگيٽ هئا جن جي سڃاڻپ نياز عرف گهمن ۽ ظريف عرف شاهه جهان طور ٿي. ڊيره بگٽي ۾ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد کي ماريو ويو. ڪيچ ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپيرشن دوران هڪ ٻئي دهشتگرد کي ماريو ويو، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررو??ين ۽ بي گناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.