اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر پارلياماني وفد سان گڏ روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي ??سپ??ڪر سان ملا??ات ڪئي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو ??سپ??ڪر ۽ پارلياماني وفد جي فيڊرل اسيمبلي آف رشين فيڊريشن آمد تي آجيان ڪئي. ??سپ??ڪر روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي ??سپ??ڪر ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جو ش??ند??ر استقبال تي ٿورو مڃيو. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران والهاڻو استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستان جي پارليامينٽ کي خراج تحسين پيش ڪيو. ??سپ??ڪر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پارلياماني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارلياماني سفارتڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارلياماني رابطن ۾ اضافي کي روس قدرجي نگاهه سان ڏسي ٿو. ??سپ??ڪر سردار اياز صادق پاڪستان ۾ منعقد پهرين ??سپ??ڪرز ڪانفرنس ۾ روسي هم منصب جي شرڪت ۽ حمايت کي ساراهيو. قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر پنهنجي روسي هم منصب جي روس جي روس جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. ??سپ??ڪر پنهنجي روسي هم منصب جي پاڪستان جو جلد دورو ڪرڻ جي خاطري کي ساراهيو. ??سپ??ڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، پارلياماني ۽ حڪومتي سطح تي رابطن ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ۽ وزيراعظمن جون هاڻوڪيون ملاقاتون ۽ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽا??ٽا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم اهميت رکندڙ آهن. ??سپ??ڪر سردار اياز صادق ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي?? اقتصادي ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. سردار اياز صادق ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني،سفارتي ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم کي ساراهيو. ??سپ??ڪر جي روس جي دوري کي ويلنٽيناميٽ ويانڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني سفارتڪاري کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. معاشي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۾ رابطا انتهائي اهميت وارا آهن. پارلياماني وفد قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا محمد حيات خان، سيد آغا رفيع الله، عبدالقار پٽيل، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار ۽ شير علي ارباب تي ٻڌل آهي.