اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عوامي ڀلائي جي حوالي سان قانونسازي ۾ سينيٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، سينيٽ قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م سان سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته عوامي ڀلائي جي حوالي سان قانونسازي ۾ سينيٽ جو ڪردار انتهائي اهم آهي، سينيٽ قومي يڪجهتي ۽ صوبائي هم آهنگي ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ملاقات ?? ملڪ جي مجموعي ۽ سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين ملڪي معيشت جي بحالي جي حوالي سان حڪومت جي ڪوششن کي ??اراهيو. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين بلوچستان صوبي جي ترقي ۽ خوشحالي جي حوالي سان وزيراعظم جي قدمن کي ??اراهيو.