اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انتشار ملٽري ڪورٽس جي معاملي کي تڪراري بڻائي رهي آهي، ملٽري ڪورٽس تي سياست ڪندڙ اهو وساري رهيا آهن ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ ملٽري ڪورٽس جون فضيلتون بيان ڪندو رهيو آهي، ملٽري ڪورٽس ۾ ڪنهن جو ??رائل ان وقت ٿ??ي ٿو جڏهن ڪير دفاعي اداري تي حملي آور ٿئي، فوجي ٺڪاڻن تي حملي جو ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ ئي هلندو آهي، جوابدار کي وڪيل ڪرڻ، رڪارڊ تائين پهچ ۽ فيصلي جي خلاف اپيل جو حق حاصل هوندو آهي، جن کي سزا ٿي انهن جي خلاف ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار جي ڪوشش آهي ته ملٽري ڪورٽس جي معاملي کي تڪراري بڻايو وڃي ۽ ان تي سياست ڪئي وڃي. هن چيو ته اها ڳالهه واضح آهي ته ملٽري ڪورٽس ۾ ڪنهن جو ??رائل انهي وقت ٿ??ي ٿو جڏهن ڪير دفاعي اداري تي حملي آور ٿئي. هن مثال ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن کان ريلوي اسٽيشن يا ريل ۾ سفر دوران ڪو ڏوهه ٿ??ي ٿو ته ان جي ايف آءِ آر ريلوي پوليس رجسٽرڊ ڪري ٿي، جيڪڏهن ڪير منشيات جي حوالي سان ڏوهه ڪندو ته ان تي ڪارروائي اينٽي نارڪوٽڪس فورس ڪندي. اهڙي طرح جڏهن ڪنهن عسڪري ٺڪاڻي تي حملو ٿيندو ته ان تي ڪارروائي به آرمي ايڪٽ تحت ٿيندي ۽ ان جو ??رائل ملٽري ڪورٽ ۾ ئي هلندو. وفاقي وزير چيو ته باني چيئرمين پي ٽي آءِ جي دور ۾ جڏهن سويلينز جو ??لٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل ڪيو پئي ويو ته ان وقت هن ان جون فضيلتون بيان ڪيون، ان جا ڪلپس سوشل ميڊيا تي موجود آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ليگل پروسيس آهي، ملٽري ٽرائل ايڪٽ آف پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ٿ??ي ٿو. ان ۾ اهي سمورا حق حاصل آهن جيڪي ڪنهن به فيئر ٽرائل ۾ حاصل هوندا آهن، رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل متاثر نه ٿو ٿئي، ان ۾ وڪيل ڪرڻ، فيملي ۽ رڪارڊ تائين پهچ ۽ اپيل جو حق ڏنو وڃي ٿو. اهو ٽرائل فزيڪل موجودگي کانسواءِ نه ٿو ٿي سگهي، رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل جا سمورا عمل پورا ڪيا وڃن ٿ??. و??اقي وزير چيو ته ملٽري ٽرائل ۾ اپيل جا به ٻه حق ڏنا وڃن ٿا، هڪ ملٽري ڪورٽ ۾ اپيل ۽ ٻيو لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي ٿو. اهي سمورا حق حاصل هوندا آهن. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انتشار جا ترجمان گلا ڦاڙي ڦاڙي چئي رهيا آهن ته اهو ظلم ۽ زيادتي آهي، جيڪڏهن اهو ظلم ۽ زيادتي آهي ته انهن جو ??يڊر ماضي ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين جي ٽرائلز جون فضيلتون ڇو بيان ڪندو رهيو ۽ ان کي ڇو سٺو چوندو رهيو ته اهو ٺيڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان جي اندر ڪنهن قانون جي خلاف ورزي ناهي ٿي، جن ماڻهن جو ??رائل ٿيو آهي انهن جي خلاف ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. تحريڪ انصاف ان معاملي کي بنا سبب جي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪ??ي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سمورن عالمي قانونن جو احترام ڪري ٿو. هن چيو ته قانون جي حڪمراني ضروري آهي، قائداعظم محمد علي جناح پڻ اهو درس ڏنو ته مل?? جي اندر قانون جي حڪمراني جو ??ظام لاڳو ٿيڻ گهرجي. جيڪڏهن تحريڪ انصاف قانون جي حڪمراني کي نه ٿي مڃي ۽ ان تي عمل نه ٿي ڪري ته اها بنا سبب جي تڪرار پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪ??ي رهي آهي. اهي پنهنجي لاءِ رعايت وٺڻ جي ڪوشش ڪ??ي رهيا آهن جيڪا حاصل نه ٿي ٿي سگهي. هن چيو ته ملٽري ڪورٽ جا ٽرائل قانون موجب ٿيا آهن ۽ قانون موجب ئي اهي معاملا اڳتي وڌڻا آهن. هن چيو ته تحريڪ انصاف ان معاملي تي سياست کان پاسو ڪري، انهن وٽ وڌيڪ قانوني فورمز ۽ اپيل جو حق موجود آهي، ان کي استعمال ڪري سگهن ٿ??. و??اقي وزير چيو ته اسان پنهنجي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ پارٽنرز سان گڏجي ڪم جاري رکنداسين. هن چيو ته ملٽري ٽرائل ۾ سمورن عالمي قانونن جون ضرورتون پوريون ڪيون ويون آهن، ان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا خلاف ورزي ناهي ٿي، تحريڪ انتشار پاران مل?? جي خلاف بيانيو ٺاهيو پيو وڃي. 9 مئي تي انهن ماڻهن انتشار ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو، ڪور ڪمانڊر هائوس جي ٻاهران انهن جا ماڻهو موجود هئا. هن چيو ته 9 مئي جي ڏوهارين کي قانون موجب سزا ملندي ۽ ان ۾ رائيٽ ٽو فيئر ٽرائل کي آبزرو ڪيو ويندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير باباءِ قوم جي ولادت جي ڏهاڙي تي پوري قوم کي مبارڪباد ڏني. هن مسيحي برادري کي ڪرسمس جي خوشين جي پڻ مبارڪباد ڏني. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) سدائين قائداعظم جي ويزن موجب هن مل?? جي خدمت ڪئي آهي ۽ سدائين ڪوشش رهي آهي ته پاڪستان ترقي جي رستي تي گامزن رهي. هن ان عزم جو ??رجاءُ ڪيو ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان کي عظيم مل?? بڻائينداسين ۽ پاڪستان ترقي ڪندو.