اسلام آباد-25 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي باباءِ قوم قائداعظم م??مد??لي جناح کي قيام پاڪستان لاءِ سندس شاندار خدمتن تي خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ??ي قيام ۾ قائداعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، قائداعظم جهڙا سچا، ايماندار ۽ ديانتدار اڳواڻ ئي ملڪن جي تقدير بدلائيندا آهن. اتحاد، ڀائيچاري، مذهبي رواداري ۽ گڏيل بقا اڄ جي ڏينهن جو پيغام آهي. قائداعظم جي پيدائش جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ت?? مسلمان ??نيا جي مدبر ۽ عظيم اڳواڻ قائداعظم کي خراجِ عقيدت پيش ڪريون ٿا. هي ڏينهن پاڪستان کي قائد جي ويزن مطابق عظيم ملڪ بڻائڻ جي عهد جو ڏينهن آهي. محسن نقوي چيو ت?? قائداعظم اقليتن جي حقن ۽ مذهبي آزاديءَ جي اهميت تي زور ڀريو. قائداعظم پاڪستان ??قليتن جي حقن جي تحفظ ۽ مذهبي رواداري جو علمبردار هو. گهرو وزير چيو ت?? هڪ قوم جي حيثيت سان ??سان کي اقليتن جي حقن ۽ مذهبي رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قائداعظم جي اصولن تي عمل ڪري اڳتي وڌڻو ۽ قومي مفاد ۾ ذاتي اختلافن کي پٺتي ر??ي وطن لاءِ سوچڻو آهي. هن چيو ت?? قائداعظم پنهنجي قيادت ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي حقن لاءِ تاريخي ڌارا مٽائي، مسلمانن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ آزاد مسلمان ??ياست جي خواب کي عملي جامو پهرايو. هن چيو ت?? قائداعظم جي اڻٿڪ جدوجهد جي ڪري اڄ اسان ??زاد وطن ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. قائداعظم جو اهو احسان قيامت تائين نٿا لاهي سگهون. گهرو وزير چيو ت?? پاڪستان ??ي تخليق ۾ قائداعظم جو ابدي ڪردار سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو. قائداعظم تحمل، برداشت، مساوات ۽ رواداريءَ تي ٻَڌل معاشري جو خواب ڏٺو هو. اهڙي فلاحي معاشري لاءِ سڀني کيگڏجي پنهنجون توانائيون ڪتب آڻڻيون پونديون ته جيئن قائد جي خواب کي عملي جامو پهرائي سگهجي.