اسلام آباد- 11 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم کي عالمي معيار ۽ فول پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعمال تي زور ڀريندي چيو آهي ته فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿي??دو، فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن طر?? اهم قدم آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان چيف ڪليڪٽر ڪسٽمز ڪراچي زون جميل ناصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ نمايان خدمتن جي ح??الي سان جميل ناصر ۽ ڪسٽمز ڪراچي زون ۾ سندس ٽيم جي خدمتن کي ساراهيو ۽ فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم جي تياري ۽ لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندڙ ٽيم لاءِ 1.5 ڪروڙ روپيا روڪ رقم جو اعلان ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم عيوض ڪسٽمز آپريشنز ۾ شفافيت، ڪارڪردگي ۽ خدمتن جي فراهمي ۾ نمايان واڌ ٿي آهي. هن فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم کي عالمي معيار ۽ فول پروف بڻائڻ لاءِ جديد ترين ٽيڪنالاجيز خاص ڪري مصنوعي ذهانت جي استعمال تي زور ڀريندي هدايت ڪئي ته منصفاڻي، شفاف ۽ موثر ڪسٽمز سسٽم کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪسٽمز نظام ۾ وڌيڪ سڌارا آندا وڃ?? جيڪي عالمي معيار سان هڪجهڙائي رکن، وزيراعظم چيو ته فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم پاڪستان جي اقتصادي ترقي ۾ مددگار ثابت ٿي??دو. ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست ماحول جي فراهمي جي ح??الي سان هي سسٽم هڪ اهم سنگ ميل آهي، فيس ليس ڪسٽمز اسسمنٽ سسٽم ايف بي آر جي ڊجيٽلائيزيشن طر?? هڪ قدم آهي.