اسلام آباد-03 جنوري (اي پي پي) جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهيون جمهوري عمل جو اهم جُز آهن، افهام ۽ تفهيم کان پاسو ڪرڻ ۽ ڳالهين کان انڪار ڪرڻ غي?? جمهوري رويو آهي. اها ڳالهه هن حڪومتي اتحاد ڳالهين واري ڪميٽي جي ترجمان ۽ مسلم ليگي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه تي ساڻس ملاقات ڪئي ۽ سندس طبيعت پُڇي. هن چيو ته پاڪستان کي هر اع??با?? سان استحڪام ۽ گڏيل اتحاد جي ضرورت آهي، جنهن لاءِ سياسي هم آهنگي ضروري آهي. سينيٽر عرفان صديقي، مولانا فضل الرحمان کي ڳالهين واري عمل جي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو. هن ديني م??رسن جي رجسٽريشن جي م??املي ??ي احسن طريقي سان سلجهائڻ لاءِ مولانا فضل الرحمان جي ڪوششن کي ساراهيو.