اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) چيو آهي ته ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ تيزي ر??تاري تي ضابطو آڻي ر??ڊ حادثن سبب ٿيل فوتگين جي شرح ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهجي ٿي. اها ڳالهه اي ڊي بي جي تازي ر??ورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ رستن تي ر??تار جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي ملڪن کي جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضر??رت تي زور ڀريندي چيو ويو ته سراسري ر??تار ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي جي صورت ۾ ٽريفڪ حادثن جي شرح ۾ 4 سيڪڙو تائين جڏهن ته فوتگين جي شرح ۾ 3.5 سيڪڙو تائين گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. اي ڊي بي جو چوڻ آهي ته سڄي دنيا ۾ هر سال ٽريفڪ حادثن جي نتيجي ۾ 11 لک 90 هزار کان و??يڪ انساني جانيون ضايع ٿي ر??يون آهن، ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خط ۾ ٽريفڪ حادثن ۾ روزانو 2 هزار کان و??يڪ ماڻهو زندگي جي بازي هارائي ويندا آهن، رپورٽ ۾ ايشيا ۽ ماٺي سمنڊ جي خطي ۾ رستن تي سراسري ر??تار ۾ گهٽتائي جي سفارش ڪئي وئي آهي. چيو ويو آهي ته خطي جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شهري علائقن ۾ سراسري ر??تار 50 کان 60 ڪلو ميٽر کان گهٽائي 40 ڪلوميٽر تائين ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان کي وڌيڪ گهٽ ڪري 30 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين آڻڻ لاءِ قدم کڻي ر??يا آهن، رپورٽ ۾ رستن تي ر??تار جي حوالي سان آگاهي ۽ انفورسمينٽ جي طريقن ۾ بهتري آڻڻ جي به سفارش ۽ ان سان گڏوگڏ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ جي ضر??رت تي به زور ڀريو ويو آهي.