اسلام آباد – 20 اپريل (اي پي پي) سپريم ڪورٽ پاناما پيپرز ڪيس جو محفوظ ڪ??ل فيصلو ٻڌائيندي پاناما پيپرز ۾ لڳايل الزامن جي تفصيلي جاچ لاءِ گڏيل تحقيقاتي ٽيم (جي آءِ ٽي) جوڙڻ ۽ ان کي 60 ڏينهن جي ان??ر پنهنجي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، پاناما پيپرز ڪيس جي شنوائي ڪندڙ 5 رڪني لارجر بينچ جي سربراهه جسٽس آصف سع??د کوسه خميس ڏينهن محفوظ ڪ??ل فيصلو ٻڌايو، جسٽس آصف سع??د کوسه جي سربراهي ۾ جسٽس اعجاز افضل خان، جسٽس گلزار احمد، جسٽس شيخ عظمت سع??د ۽ جسٽس اعجاز الاحسن تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينڪ ڌرين جي وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 23 فيبروري تي پاناما دستاويزن واري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪ??و هو، جسٽس آصف سع??د کوسه عدالت ۾ اڪثريتي فيصلو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ هن پاڻ ۽ جسٽس گلزار احمد اعليٰ عدالت جي ٻين ٽن ججن سان اختلاف رکيو.