اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر ف??دو?? عاشق اعواڻ چيو آهي ته علاج لاءِ نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ جو فيص??و عدالت کي ڪرڻو آهي، نجي ٽيلي ويزن جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته نيب ۽ عدالت جي قانونن موجب نواز شريف کي جيڪ?? سهولتون فراهم ڪري سگهجن ٿيون اهي حڪومت فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اهڙو ڪو به قيدي جيڪو پاڪستان جي ڪنهن جيل ۾ قيد آهي جي لاءِ قانون واضح آهن ۽ ان جي حوالي س??ن فيصلو به عدالتون ڪنديون. حڪومت وٽ ان جو اختيار نه آهي.