اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪشمير مسئلو انتهائي دليراڻي انداز ۾ اجاگر ڪيو، مظلوم ڪشميري عوام مدد جي لاءِ پاڪستاني ڀينرن ڀائرن طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام ڪشميرين جي زخم کي پنهنجي جسم تي محسوس ڪري ٿي، پنهنجي آزادي ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ رت جي آخري ??ڙي تائين وڙهنداسين، والاريل ڪشمير تي ڀارتي غ??رقانوني ڏاڍ جي خاتمي جو ڏينهن اچي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشميري ??ينرن ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو.