اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته ڪرغزستان کان پاڪستاني شاگردن ۽ ٻين شهرين جي واپسي لاءِ سفري انتظام ڪيا پيا وڃن، ٻاهرين ملڪ ڦاٿل سمورن پاڪستانين جا مسئلا حل ڪيا ويندا، ??نه??جي هڪ وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته تقريبن 9 هزار شاگرد ڪرغزستان ۾ موجود آهن، اتي رات کان صبح تائين ڪرفيو لاڳو هوندو آهي جنهن تي سختي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي، ماسڪ کانسوا??ِ يا غير ضروري طور تي ٻاهر نڪرڻ تي ماڻهو گرفتار ڪيا ويندا آهن، انهن حالتن ۾ پاڪستان کي ??نه??جي شهرين جو خيال آهي ۽ انهن جي سهولت لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.