اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??ور??نا جي تيزي سان پکڙجڻ جي خدشي کي نظر ۾ رکندي سڄي ملڪ ۾ احتياطي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته آئون پاڻ وزيراعظم آفيس مان روزاني جي بنياد تي ان معاملي جي نگراني ڪندس، جنهن علائقي يا شعبي ۾ به ايس او پيز جي خلاف ورزي ٿي ان کي فوري طور تي بند ڪيو ويندو، ??ور??نا جي وبا جي خلاف ڪم ڪندڙ هيلٿ ورڪرز جهاد ڪري رهيا آهن، حڪومت انهن جي لاءِ ??اص پئڪيج ڏيندي، منهنجي ٽيم سمورين وفاقي ڌرين ۽ ماهرن سان مڪمل مشاورت کانپوءِ موثر حڪمت عملي جوڙي ۽ بنا ڪنهن جواز جي تنقيد ٿيڻ جي باوجود حڪومت ڪنهن دٻاءُ ۾ نه آئي، اڄ پوري دنيا کي احساس ٿي ويو آهي ته مڪمل ل??ڪ ڊائون مسئلي جو حل نه آهي. ملڪ ۾ ??ور??نا جي صورتحال ۽ وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ??ڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ان ڳالهه جو اندازو هو ته وقت سان گڏ ??ور??نا جي متاثرين ۽ ان وبا سبب ٿيندڙ فوتگين ۾ اضافو ٿيندو پر ان حوالي سان مخالف ڌر جي بنا جواز تنقيد افسوس جوڳي آهي، مخالف ڌر ڪشمير جي مسئلي وانگر ??ور??نا جي ايشو کي به پنهنجي ڪرپشن لڪائڻ جي لاءِ ??ستعمال ڪرڻ چاهي ٿي.