اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ تعميرات جي شعبي ۾ حڪومتي مراعاتي پئڪيج جي نتيجي ۾ شروع ٿيندڙ سر??رمين ۽ مختلف هائوسنگ منصوبن جي تعمير جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس ۾ صنعت واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي، ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ڪاروباري برادري جي نمائندگي ناليواري ڪاروباري شخصيت عارف حبيب ڪري رهيو هو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي پاليسين جي ڪري معاشي انگن اکرن ۾ بهتري آئي آهي. ڪورون?? جي ڪري نه رڳو علائقائي پر سڄي دني?? جي معيشت متاثر ??ي پر حڪومت جي بهتر حڪمت عملي جي ڪري جتي ڪ??رون?? جي نقصانن کي هر ممڪن حد تائين روڪيو ويو اتي ڪ??رونا ۾ گهٽتائي آڻڻ کانپوءِ ملڪ ۾ معاشي سر??رميون وڌي رهيون آهن. ان حوالي سان عارف حبيب فرٽيلائيزرز، اسٽيل جي شعبي، ريئل اسٽيٽ ۽ ٻين شعبن ۾ جولاءِ جي مهيني ۾ سامهون ايندڙ بهتري بابت وزيراعظم کي بريف ڪيو. عارف حبيب ڪاروباري برادري ۽ خاص طور تي تعميراتي شعبي سان واڳيل ڪمپنين ۽ سيڙپڪارن جي نمائندگي ڪ??دي حڪومت پاران مراعاتي پئڪيج، سهولتڪاري ۽ نظام کي آسان بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي تي ٿورا مڃيندي چيو ته حڪومت پاران تعميرات جي شعبي ۾ تاريخي مراعتن ۽ سهولتڪاري سان ڪاروباري برادري جي حوصلا افزائي ٿي آهي.