اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ڪورونا وائرس جي خاتمي لاءِ ويڪسين جي خريداري جي ڏس ۾ 15 ڪروڙ ڊالر جي فني ضمني گرانٽ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ويڪسين جي پهرين کيپ 5 سيڪڙو آباد يعني عوام ۽ فرنٽ لائين جي ورڪرن ۽ 65 سال کان وڌيڪ عمر جي شهرين کي فراهم ڪئي ويندي، ان انتظام تحت هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين ڏني ويندي، اجلاس ۾ جنوري کان جون 2021ع تائين جي توسيع مدي ۾ گروپ 20 ملڪن جي قرضن جي سهولت جي قدمن لاءِ با??ابطه درخواست ڏيڻ جي ڏس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت جي درخواست جي منظوري به ڏني وئي آهي، ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪيتي جو اجلاس هتي وز??راعظم جي ناڻي ۽ روينيو واري صلاح??ار عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وز??ر حماد اظهر، اقتصادي معاملن واري وز??ر مخدوم خسرو بختيار، وز??راعظم جي اداره جاتي سڌارن واري صلاح??ار ڊاڪٽر عشرت حسين، پيٽروليم واري صلاح??ار نديم با??ر ۽ وز??راعظم جي روينيو وارو خصوصي صلاح??ار ڊاڪٽر وقار مسعود شرڪت ڪئي،